رمضان سٻاهيو ڊاڪٽر

رمضان سٻاهيو، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر رمضان ولد غوث بخش خان سٻاهيو، ڳڙهي سٻاهيي، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. قبيلي جي سردار محمد خان سٻاهيو جو ڏوهٽو آهي. هن ميونسپل هاءِ اسڪول، جيڪب آباد مان مئٽرڪ ڪئي، 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان انجنيئرنگ ۾ ايم. ايس. سي جي تعليم حاصل ڪيائين، جنهن بعد مانچسٽر يونيورسٽي لنڊن مان 1977ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين.
رمضان سٻاهيي، 1990ع ۾ ورلڊ يونيورسٽي آمريڪا مان انرجي سائنس جي مضمون ۾ ڊاڪٽر آف سائنس جي ڊگري به حاصل ڪئي. اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر صاحب ايشيا کنڊ جو اهو پهريون پي. ايڇ. ڊي ڊاڪٽر آهي، جنهن انرجي سائنس جي ڊگري ورتي هئي. سندس زندگيءَ جو احوال آمريڪا جي ’بوڪ آف آنرز‘ ۽ برطانيا جي ’مين آف اچيومينٽ‘ ۾ به ڇپيل آهي.
ڊاڪٽر رمضان سٻاهيو، جنوري 1981ع کان انجنيئرنگ فريڪچر مڪينڪ جي نيشنل ايڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر آهي. سندس ڪيترا تحقيقي مقالا دنيا جي مختلف ملڪن جي عالمي معيار جي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. کيس نمايان ڪارڪردگيءَ تي ڪيترا اوارڊ به ملي چڪا آهن، جن مان ڪيترا اوارڊ هن کي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ڏنا آهن. هن وقت تائين آمريڪا، برطانيا، فرانس، جپان ۽ اٽليءَ جا دؤرا ڪري، اتان جي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ پروفيسر به رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو